عابس، آبس پير جو مقبرو

عابس، آبس پير جو مقبرو

عابس آبس پير جو مقبرو

عابس آبس پير جو مقبرو: هيءُ مقبرو نصرپور ۾، نصرپور- مٽياري روڊ تي، ضلع مٽياريءَ ۾ آهي. هن مقبري جي عمارت سادي ۽ روايتي طرز جي آهي، هڪ ڪمري تي مشتمل هن مقبري ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هڪ نوڪدار ونگ سان لنگهه آهي، جنهن ۾ ڪاٺ جو ٻه تاڪيو در لڳل آهي، جنهن جي مٿان ڪاٺ جي نوڪدار ڄاري آهي. در جي ڀرسان ديوار تي نيري ۽ اڇي رنگ سان ڊزائين جو پٽو ڏئي مٿان نيري رنگ جو علامتي گل ڏنل آهي. ديوار جي هيٺئين حصي ۾ 2 کان 3 فوٽ جو حاشيو ڏنل آهي، جنهن بعد پلستر سان قابڪاري (Panel) ٺاهي ديوار جي ٻنهي طرف مستطيل بلاڪ ٺاهيا ويا آهن ۽ انهن بلاڪن اندر پلستر جي مدد سان اُڪر واري نموني موجب هڪ هڪ ٻوٽو/گل ٺاهيل آهي. ڇت جي چئني طرف کان ڪانس ڏنل آهي، جنهن تي چورس خانا ٺهيل آهن. مهاڙي وٽ ٻنهي ڪنڊن تي هڪ هڪ ننڍڙو مينار آهي، جن مٿان گنبذڙيون ۽ نيل رکيل آهن، ڇت جي وچ تي ڳچ تي ڦارائون گنبذ رکيل آهي، جنهن مٿان پڻ نيل نصب آهي. ان کان سواءِ گنبذ تي ڪنهن به قسم جو جنسار ٿيل ڪونهي. مقبري اندر ماربل سان فرشبندي ٿيل آهي ۽ چوڌاري ماربل سان هڪ فوٽ جو حاشيو پڻ ڏسجي ٿو. عابس/ آبس پير جي قبر وچ تي آهي، جنهن کي ڪو به احاطو ڏنل ڪونهي ۽ مٿس پڙ وڌل آهن. مزار جي چؤڌاري زيارتين جي ويهڻ لاءِ کجيءَ جا تڏا وڇايل آهن. مقبري ٻاهران ڪجهه فاصلي کانپوءِ 4 کان 5 فوٽ ديوار تي گول ونگن سان احاطو ڏنل آهي. ڀرسان هڪ مسجد به آهي. هن مزار تي مقامي ماڻهن جي تمام گهڻي رش رهي ٿي. هن مقبري نشين بابت ڪا به مستند ڄاڻ ڪانه ٿي ملي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو